Baba Aashiq Keerio , Bhria Road

A Sufi and Spiritual Healer of Bhiria road , District Noshehro Feroz , Treated the People In Untreatable Sufferings like Cancer, Polio etc. He Used To recite on Water and Oil to make the medicine for various ailments that worked wonderfully!!

Baba Ashiq Sain Was Not Much Educated he Just Passed the 4 th Class From his Native Village being not interested in accadmic education he left studying further in Khowja Gardan School of Nawabshah. But Had Interest of Spiritual Knowledge, Poetry  and Devotion With Sufism.

Baba Ashiq was bring up at the age of 12 years by his Father’s Sister in Bhiria , She not only Nourished him but also trained him.

Baba Ashiq was married and had gifted a daughter. later on his wife and daughter was died. After their death he did not perferred the further marriage. he took the son of his paternal cousin for bringing up named Muhammad Ayoub Keerio . He conveyed his spirit of knowledge to  Muhammad Ayoub.

Paralysis Diseases has suffered him severely he remained in the disease for longterm. In Such unfortunate days of life  His called Son Muhammad Ayoub Cared Him.It was honour for Muhammad Ayoub to serve his responsibilty.

 

//pagead2.googlesyndication.com/pagead/js/adsbygoogle.js

(adsbygoogle = window.adsbygoogle || []).push({});

گل محمد ڪيريو چوٽياريون شريف 

​سعودي عرب ۾ 5 سال زندگي کي روزگار خاطر گذاريندڙ  هي انسان سانگهڙ  جي علم جي چوٽي سڏجندڙ چوٽياريون شريف جي هڪ مشهور و معزز مذهبي خاندان ميان مبين جي نسل مان آهي.  گل محمد ڪيريو ولد ميان امين محمد ڪيريو هن وقت  هڪ اين جو او Save the Child ۾ سانگهڙ ۾  اسٽنٽ آهن ۽ سندن پوسٽنگ سانگهڙ ۾ آهي. پاڻ هميشه ٻين جي ڪم اچڻ وارن انسانن مان آهن.
اوهان کي سندن شخصيت ڪيئن لڳي مثبت ڪمينٽس ڏئي محبت کي فروغ ڏيو.

شفيق احمد ڪيريو  ڳوٺ قبول ڪيريو

​محترم شفيق احمد ڪيريو جو جنم ڳوٺ قبول ڪيريو ضلع ٽنڊو محمد خان .سان تعلق رکندڙ هڪ هاري مير محمد ڪيريو جي گهر ۾ ٿيو ۽ کين ابتدائي تعليم جي لا گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول تاج محمد  ڪيريو ۾ داخل ڪيو ويو انکان پوء اٺين ڪلاس تائين ڳوٺ قبول ڪيريو جي مڊل اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو جنهن جو موجوده نالو گورنمنٽ ڪيمپس اسڪول قبول ڪيريو آھي. کين مئٽرڪ جي تعليم جي لا مالي وسائل گهٽ ھئڻ جي باوجود به ٽنڊو محمد خان شھر جي مايه ناز و معروف اسڪول. دارالعلوم هاء اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو ۽ انٽرميڊيٽ تعليم لا مخدوم بلاول ڪاليج ٽنڊو محمد خان ۾ داخل ڪرايو ويو ۽ انکان پو۽ يونيورسٽي تعليم جو انتهائي گهڻو شوق هئن جيتريقدر سندن والدين جا ايترا وسيلا نه هئا.پر شفيق ڪيريو اهو نوجوان آھي جنهن جفاڪشي ۽ جدو جهد کي جاري رکيو هر گهڙي يونيورسٽي جي تعليم پوري ٿيڻ تائين هي نوجوان قبول ڪيريو کان ڄامشورو جي سفر کي ڪئين طئي ڪندو هو اهو بهادري جو مظاهرو آھي. پاڻ روڊ تان اجنبين کان لفٽ وٺي بغير ٽڪيٽ جو سفر طئي ڪيو ۽ حيدر آباد ۽ ڄامشوري جهڙي اجنبي شھر ۾ ڪڏهن ڪنهن دوست وٽ ته ڪڏھن ڪنهن دوست وٽ رهائش ڪري به وقت کي ٽاريندا هئا.. تاريخ ۾ اهئي ڏينهن اڄ به زنده آھن ته پاڻ طعنا به برداشت ڪيا مگر همت نه هاري. پاڻ اڄ باٽني سبجيڪٽ جا ڪميشن جي امتحان جي ذريعي ليڪچرار آھن ۽ موجوده وقت ۾ اسلاميه ڪاليج ڪراچي ۾ خدمتون سر انجام ڏئي رهيا آھن. سندن ۽ سندس والدين جي جدوجهد کي سرخ سلام آهي ۽ اها جدوجهد ايندڙ نسل جي لا مثبت تحرڪ آھي ته وسائل نه هئڻ جي باوجود به انسان ڪوششن سان  ڪاميابي حاصل ڪري
اوهانکي ڪيئن لڳي هڪ حقيقي ڪهاڻي ؟؟؟؟

ليڪچرار گل محمد ڪيريو ؛ مورو 

​ليڪچرار گل محمد ڪيريو ؛ هڪ فرد هڪ  ڪردار

ڪنهن ڏاهي سچ چيو آهي ته اگر اوهان چاهيو ٿا ته اوهان جو اولاد اهو ئي ڪم ڪري جنهن جي توقع اوهان رکو ٿا ته اهو ڪم پاڻ پهرين ڪريو ۽ اهو به ايندڙ زندگي جي گهڙين ۾ اوهان وانگر ڪندو.. ان ڏاهي جي اها چوڻي ته هر ڪنهن تي نٿي مڪمل طور تي ٽهڪي مگر اڄ جڏهن سڌهوجا جي ان محنتي پرائمري استاد اله بچايو جي ماضي جي زندگين جي سرگرمين ۽ خدمتن تي مختصرن نظر وجهجي ٿي ۽ سندس اولاد جي موجوده زندگي تي نظر وجهون ٿا ته اها ان ڏاهي جي چوڻي سئو سيڪڙو مڪمل طور تي هن خاندان جي زندگي پوري کان پوري ٽهڪي ٿي. 

مورو جي قديمي ڳوٺ سڌهوجا سان تعلق رکندڙ هڪ پرائمري استاد جي گهر ۾ جنم وٺندڙ گل محمد ڪيريو پنهجي ابتدائي تعليم سڌهوجا اسڪول مان حاصل ڪئي ۽ يونيورسٽي تعليم بائلاجي جهڙي مضمون ۾ حاصل ڪندي پوزيشن هولڊرن جي فهرست ۾ به رهيا ته يونيورسٽي آف سنڌ ڄامشورو جهڙي قديمي ۽ معروف سنڌ جي اداري ليڪچرار لا آڇ به ڪئي.پاڻ پنهجي زندگي جو ڪجه عرصو بدين توڙي سنڌ جي مايه ناز اداري آرمي پبلڪ ڪاليج ۾ ليڪچرار طور به خدمتون سر انجام به ڏنائون ۽ پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي سرڪاري سيڪٽر ۾ ليڪچرار بائلاجي مقرر ٿيا  گورنمنٽ ايلمينٽري ڪاليج مورو ۾. ۽ هن وقت تائين اتي پنهجون خدمتون سر انجام ڏئي رهيا آهن. جيتريقدر سندن تعلق ڪنهن زميندار گهراڻي سان ته ناهي مگر هڪ محنتي استاد گهراڻي سان ضرور آهي ۽ ان خاندان جي رت به پنهجي زندگي ۾ جدوجهدن و محنتن جي بدولتن بهتر روزگار حاصل ڪيو.
اسان سندن محنتن کي سلام ٿا ڪريون ۽ سندن محنتن کي ٻين لا هڪ مثال طور پيش ڪري اهو سبق ڏيڻ چاهيون ٿا ته محنتن تي ڀاڙيو. ۽ وسيلا پنهجو پاڻ پيدا ٿي ويندا صرف هڪ قدم پنهجي منزل لا اڳتي وڌايو. 
اوهان کي هي حقيقي ڪهاڻي ڪيئن لڳي ۽ ڪيترو  حوصلو ڏي ٿي ۽ اوهان ليڪچرار گل محمد ڪيريو لا ڇا چوڻ پسندا ڪندا ؟؟

بهادر الدين ڪيريو ؛ نوابشاه

​بهادر الدين ڪيريو  ; پوليس کاتي سان وابسته اهو انسان جنهن پنهجي نوڪري تقريبن سنڌ جي ڪافي گهڻن علائقن ۾ سرانجام ڏني انهن علائقن ۾ مختلف شهرن جهڙوڪ ڪشمور ٖ ڪنڌ ڪوٽ ٖ اوٻاڙو ٖ گهوٽڪي ٖ پنو عاقل ٖ شڪارپور ٖ جهرڪ ٖ سجاول ٖ مير پور بٺورو ۽ جيڪب آباد شامل آهن ۽ موجوده وقت ۾ سندن فرض بحيثيت ايس اڇ او  باڊه ٖ تعلقه ڏوڪري ضلع لاڙڪاڻو ۾ ادا ڪري رهيا آهن .پاڻ پوليس کاتي ۾ بحيثيت ASI سال 1992 ۾ ڀرتي ٿيا جڏهن ته انکان پهرين واپڊا کاتي ۾ لائن مين جي حيثيت سان چار کان پنج سال نوڪري به ڪيائون 
پاڻ پنهجي والدين جا اڪيلا فرزند هئا ۽ سندن ابتدائي تعليم و پرورش وقت سندن والد جو تعلق هڪ مڊل ڪلاس جي گهراڻي سان هو ۽ گريجوئشن تائين تعليم حاصل ڪيائون.
پاڻ  هڪ سئو گهرن تي مشتمل قديمي ڳوٺ پيرو لکمير  ڀرسان ايئرپورٽ ڪالوني يونين ڪائونسل نمبر چار( 4) سان تعلق رکن ٿا.۽ سندن ڳوٺ نوابشاه کان ڏيڊ کان ٻه ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي.. سندن ڳوٺ بنيادي سهوليتن سان فيضاب آهي ۽ تعليم حوالي کان به پوئتي پيل ناهي.
 پوليس کاتي جي هن ملازم هميشه دوستن و احبابن سان سماجي رابطن کي نڀائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پوليس کاتي ۾ رهي ڪري هڪ صوفي انسان ٿي رهيو بلڪه نه شراب نه شباب ۽ نه ئي ڪنهن نشي جو عادي ٿيو.. هڪ بهترين شخصيت جو مالڪ هئڻ سان گڏو گڏ هڪ بهترين والد به ثابت ٿيو. پنهجي اولاد جي تعليم و تربيت تي خاص توجه ڏنائون ۽ سندن  هڪ فرزند عبدا الحميد ڪيريو لوڪل گورنمنٽ ۾ ميهڙ ۾ بي پي ايس 16 جو ملازم آهي ٖ ٻيو فرزند مرتضي ڪيريو   ٖ جن يونيورسٽي آف سنڌ مان BCS , M.A (Sociology ) ۽ LLB سيڪنڊ ايئر جا شاگرد آهن ۽ ٽيو فرزند سجاد احمد جيڪو انٽر (پري انجنيئرنگ )پنجاب گروپ آف ڪاليجز حيدر آباد ۾ تعليم حاصل ڪري رهيو آهي.
سندن حقيقي ڪهاڻي ان ڳاله جو ثبوت ڏئي رهي آهي ته انسان جو ايمان مظبوط هجي ۽ مخلص هجي ته سماجي برايون انسان تي حاوي نٿيون ٿي سگهن .
اوهان کي سندن شخصيت ڪيئن لڳي ؟

ڪيريو دنيا جو پيغام 

​ڪيريو برادري هن وقت نه صرف سنڌ بلڪه پاڪستان سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهائش پذير آهي جنهن جي لا انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا ۾ اسان جو پنهجو نيٽورڪ هئڻ اهم ضرورت آهي.

جيڪي به ڀائر بيرون ۾ رهن ٿا انهن کي گذارش آهي ته هتي جي بردار جي انهن نوجوانن جي رهنمائي ڪن جيڪي ٻاهرين ملڪ وڃڻ جي آرزو رکن ٿا. بيروزگاري ۽ غربت توڙي پاڪستاني نظام تحت اسان جو نوجوان تباه ٿي رهيو آهي انهن کي صرف اوهانجي رهنمائي ۽ حوصلن سان گڏ پنهجائپ جي احساس جي ضرورت آهي. 

پاڪستان ۾ رهندڙ جيڪي ڀائر ڪنهن به حوالي سان اگر ڪنهن کي شعور ڏيڻ چاهين ٿا يا ڪو وس آهر مدد ڪرڻ جي آرزو رکي ٿو ته پنهجي معلومات ڪيريو دنيا تائين پهچائن ته جيئن اسان هن ڪي ڪيريو هيلپ سينٽر ڪري سگهون. 

دنيا جو هر ڪم آسان ۽ تيزي سان تڏهن ممڪن ٿي سگهندو جڏهن اسان سڀ پنهجون قوتون ملائي هڪ بنجي هر مقصد تي ڪم ڪنداسين.  ماشا الله ادب ۽ تاريخ سان لاڳاپيل ڪافي ڀائر آهن جن ايسيتائين الڳ الڳ ٿي ڪم ڪيو آهي مگر اهو ڪنهن حد تائين مڪمل ۽ اڻ مڪمل رهيو آهي ان جا هزار سبب ٿي سگهن ٿا. ليڪن جيترو اسان ڪنهن به شعبي ۾ متحد ٿينداسين اسان سڀني لا آساني ٿيندي.

ڪيريو دنيا اوهان جي خدمتن جو ڪريڊٽ هميشه اوهانکي ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ اوهان جي مستقبل جي خدمتن جو اعزاز به اوهانکي ئي ملندو.

اوهان وٽ کي صلاحون و هدايتون هر ڪيريو لا آهن ته ڪمينٽ ۾ شيئر ڪريو لازمي.

پروفيسر جان محمد ڪيريو سڪرنڊ

​پروفيسر سائين جان محمد ڪيريو صاحب                           اسانجي ڪيريا برادريَ ۾ ڪيترائي نالي وارا ٗ   ممتاز ٗ  معروف ٗ   عالم ٗ   تعليمي ماهر ۽ ڏاها ماڻهو پيدا ٿيا آهن انهن ماڻهن پنهنجي قوم ۽ وطن کي ترقي ڏيارڻ ٗ  علم وسيلي ماڻهن ۾ شعور ۽ سجاڳي آڻڻ لاِ۽ رات ڏينهن ڪوشش ڪئي آهي اهڙن باشعور تعليمي مهارت رکندڙ ۽ سماج سڌارڪ فردن ۾ محترم سائين پروفيسر جان محمد ڪيريو جو نالو به پنهنجي قوم ۾ وڏي حيثيت ۽ افاديت ۾ منفرد آهي  ۔ سائين پروفيسر جان محمد ڪيريو صاحب 22مئي 1943ع تي ڳوٺ فضل ڪيريو تعلقه سڪرنڊ ۾ پيدا ٿيا ٗ  سندس والدصاحب حاجي محمد حسين ڪيريو پڻ برادريَ ۽ تر ۾ ڄاڻ رکندڙ مشهور شخصيت هو  ۔ سائين پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ فضل ڪيريو ٗ   ميٽرڪ ڊي سي ها۽ اسڪول نواب شاه مان ڪئي. جنهن بعد  ٗ Electrical) BE) انجنيئرنگ ڪاليج سنڌ يونيورسٹي مان ڪئي ۔گريجوئيشن بعد اۡ تي ليڪچرار مقرر ٿيا  ڪجهه وقت بعد اسٽنٽ پروفيسر طور ترقي ڪيائون ٗ   1971ع ۾ ڇھ مهينا جپان ۾ اوساڪا يونيورسٹي ۾ جاپاني لينگويج ۾ ۽ وڌيڪ تعليم پرايائون ٗ   1978ع ۾ چمبا يونيورسٹي جپان مان ماسٽرس آف انجنيئرنگ ڪئي۔ ان بعد مهراڻ يونيورسٹي ڄام شورو ۾ اليڪٽريڪل ڊپارٽمينٽ جا چيئرمين مقرر ٿيا۔ 1988 ٽريننگ لاِ۽ سويڊن ۽ انگلينڊ ويا ان کان علاوه هانگ ڪانگ ٗ   منيلا ٗ  فلپائن ۽ بنئڪاڪ جي پڻ وزٽ ڪئي ۔ آڪٽوبر 1989ع ۾ مهراڻ ڪاليج نوابشاه ۾ پرنسپل مقرر ٿيا  ٗ   1993 کان 1995تائين مهراڻ يونيورسٹي آف انجنيئرنگ پروفيسرز ٽيچرز ايسوسيئشن جو بنا مقابلي صدر رهيا۔ 1996ع ۾ سائين جان محمد ڪيريو جي ڪوشش سان مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج نوابشاه کي يونيورسٽي جو درجو مليو جنهن جو نالو قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٹي رکيو ويو  ۔  سائين جان محمد ڪيريو صاحب لا۽ اهو وڏو اعزاز آهي ته پاڻ يونيورسٹي جو پهريون وائس چانسلر مقرر  ٿيا ۔ جتان رٽائر ٿيڻ بعد بهاولپور انجنئرنگ يونيورسٹي جا اعزازي پروفيسر ۽ وي سي پڻ رهيا ٗ  ان کان علاوه ڪيرين جي ذات کي نمايان ڪرڻ لا۽ ۽ انهن ۾ اتحاد پيدا ڪرڻ لاِ ٗ   انهن ۾ شعور ۽ سجاڳي آڻڻ لاِ۽ ڪيريا تنظيم ٺاهڻ لاِ سوچيو ۔ جنهن بعدحاجي فيض محمد ڪيريو سان گڎ سڪرنڊ ٗ   ڀرياروڊ ٗ   سانگهڙ ٗ   سکر ۽ ٻين جاين تي وڃي ڪيريو تنظيم جي منشور کي پکيڙيو ۔ سکپور ۾ پهرين گڏجاڻي ڪئي جنهن ۾ صدر حاجي نورمحمد ڪيريو (سرهاري) نائب صدر غلام قادر ڪيريو (سکپور)  سائين جان محمد ڪيريو (فضل ڪيريو ) ۽ حاجي محمد حسن ڪيريو (جهول) جنرل سيڪريٽري  محمد صالح ڪيريو ڇنائي ٗ  حاجي فيض محمد ڪيريو ۽ ٻيا عهديدار چونڊيا ويا ۔              سائين جان محمد ڪيريو صاحب جون ڪيريو برادريَ لاِ تمام گهڻي محنت ۽ جدوجهد آهي. دعا آهي ته الله سائين کي پروفيسر جان محمد ڪيريو صاحب هميشه خوش رکي ۽ کيس وڏي ڄمار عطا فرمائي آمين  .     ( سلسليوار سجۡاڳي تان ورتل)

 انور علي ڪيريو نوابشاه 

​انور علي ڪيريو ؛ هڪ شخص هڪ ڪردار

انور علي ڪيريو ولد محمد مٺل ڪيريو  جي پئدائش ۽ اصل تعلق پنهجي والد جي نالي جڙيل ڳوٺ محمد مٺل ڪيريو ٖ جيڪو ڄام ڏاتار ڳوٺ نوابشاه کان 18 ڪلوميٽر پري اوڀر ۾ واقع آهي. ۽ سندن موجوده رهائش هڪ وڏي عرصي کان پنهجي فيملي سميت اسلام آباد جهڙي شهر ۾ آهي.
پاڻ ان اعزاز جا مالڪ آهن ته پاڻ محترمه بينظير ڀٽو جهڙي سياسي ليڊر جو پروٽوڪول آفيسر ٿي رهيو ۽ پي آئي اي. PIA   اسلام آباد ۾ اسٽنٽ مينيجر جي عهدي تي هڪ لاڳاتار عرصي تائين رهڻ کانپوء رٽائرڊ ٿيو. سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ اسلام آباد جو چيف آرگنائزر پڻ آھن. سندن زميندار ۽ مالوند خاندان ۾ پاڻ اهو اعزاز رکن ٿا ته پاڻ واحد فرد آهن جن سرڪاري نوڪري سٺي عهدي تي ڪئي. برداري کي ترقي ڏيارڻ لا هڪ ڪميٽي جي جوڙ جڪ ۾ سياسي و سماجي ڪارڪنن حاجي قربان علي ڪيريو ۽ ايڪسائيز انسپيڪٽر محمد صالح سميت سردار عبدالستار ڪيريو جي سرپرستي ۾ هڪ ڪيريو بردار جي جوڙيل ڪميٽي ۾  اهم ڪردار ادا ڪيو.  پاڻ بردار جي ترقي ۽ شعور لا  اڄ به آرزومند آهن. انسٽيٽوٽ آف سنڌيالاجي ڄامشورو ۾ 19 نومبر 2005 تي ٿيل هڪ ادبي ڪانفرنس ۾ انور علي ڪيريو کي سنڌي لوڪ ادب جي ميدان ۾ ڪيل خدمتن جي باعث مڃتا جو ايوارڊ پڻ مليو.

سندن نيڪ خدمتن ٖ ڪاوشن ۽ محنتن تي ناز آهي. دعاگو آهيون ته سدائين جيئندا رهن ۽ سدا سلامت رهن.

اوهان کي سندن شخصيت ڪيئن لڳندي آهي ؟ مثبت ڪمينٽ ڏئي محبت کي فروغ ڏيندا..

شير زمان لکمير  سڪرنڊ 

شير زمان لکمير ٖ ضلع ڪائونسل ميمبر . لوڪل گورنمينٽ يونين ڪائونسل جمال ڪيريو  تعلقه سڪرنڊ   ضلع شهيدبينظيرآباد ۔ محترم شير زمان لکمير تمام بهترين شخيصيت آهي . پاڻ يارويس  ۽ سادي طبيعت جو مالڪ ۽ تمام پيارو انسان  آهي .جڏهن به ساڻس ملبو ته نهايت پيار ۽ قرب سان ملندو. شير زمان لکمير  پڻ پنهنجي والد محترم حاجي محمد عمر لکمير  وانگر بهترين شخصيت ٗ مهمان نواز  ۽ سٺي سوچ رکندڙ آهي.   دعا آهي ته رب پاڪ کيس هميشه خوش رکي. آمين.

جاويد ڪيريو جي ٿورن سان 

ڪيريو شاعري؛ شاهد علي ڪيريو ڪراچي 

​KEERIO POETRY

 

 Sari Dunya Main Ooncha KEERIO, NAAM Karein Gey, 

Sindh Dharti Ki Nai KEERIO, PEHCHAN Banein Gey,
Nikaal Kar Nafratein Sub Dilon Se Apney Apney,

Mill Kar Aik Oonchi KEERIO,SHAAN Banein Gey,
Ho Shaheen Se Bhi Oonchi Jis Ki Parwaz,

Ik Aisi Dunya Main KEERIO,URRAN Karein Gey,
Samaa Jaey Jis Main Sara SINDHU DARYA

Dunya Main Aisi KEERIO,WADI-E- MEHRAN Banein Gey,
Socha SHAHID KEERIO ney,Likha ASIF ISHAQ ney,

Iss PEGHAM Ko Sub KEERIO,AAM Karein Gey,
SARI DUNYA MEIN OONCHA KEERIO,NAAM KAREIN GEY,

SINDH DHARTI KI NAI KEERIO,PEHCHAN BANEIN GEY,