رضا محمد ڪيريو نوابشاه 

​سالن جي سورن کي برداشت ڪرڻ کانپوء اگر ڪنهن جي منهن مان صرف بهترين جو لفظ يا اوهان تي فخر آهي ته اهو ان اذيتن جو پورائو نٿو ڪري سگهي جڏهن معصوم زندگين جي ڪلهن تي وڏا بار رکيا وڃنن. نواب شاه جي نوجوان رضا محمد ڪيريو جي زندگي جي ڪهاڻي به ڪجه اهڙي آهي جو جڏهن مئٽرڪ ڪئي هئي ته بدقسمتي سان سندن والد وفات ڪري ويو ۽ قدرتن والد هر ٻار جو دنيا جو وڏو سهارو هوندو آهي پر اهو به منزل تي پهچڻ کان پهرين ئي ختم ٿي وڃي ۽ اهو به ڪنهن شاگرد کان ٖ جنهن ڪتابي جملن مان ڪي عظيم خواب سوچيا هجن. ته سوچڻ جي ڳاله پيدا ٿئي ٿي ته ان انسان جي زندگي جي مسڪراهٽ ٖ هر خوشي بي رونق ٿي وڃي ٿي. ليڪن اهڙن حالتن ۾ ڪو مقابلو ڪري منزل تائين پهچي ته اهو شينهن جي برابر آهي.. 

نوجوان رضا محمد ڪيريو انٽرميديئٽ کان يونيورسٽي تعليم تائين پارٽ ٽائيم نوڪري ڪري پنهجي فيملي جي سپورٽ سان گڏو گڏ تعليم جاري رکي. ۽ بهتر روزگار کي حاصل ڪرڻ لا در در تي ڀٽڪندو رهيو مگر ڪنهن ڀوتار جي آسري تي پنهجو وقت ضايع نه ڪيو ۽ پاڻ پنهجي ڪيريئر جي شروعات خوشحالي بينڪ ڪراچي ۾ بطور بي  ڊي او سال 2012  کان ڪئي ۽ سندن ان سفر ۾ پاڻ مختلف بينڪس جي مختلف عهدن کان وٺي موجوده وقت ۾ حبيب بينڪ لميٽيڊ نوابشاه ۾ بطور اسٽنٽ مينيجر تائين پهتا آهن.
رضا ڪيريو جي حقيقي ڪهاڻي ئي سندن حقيقي تعارف آهي ته پاڻ بهادر ٖ محنتي ۽ خود دار انسان آهن جيڪي ٻئي جي سهاري جو انتظار ناهن ڪندا پر پاڻ ٻين جو سهارو ٿي ويندا آهن. 
ڪيريو دنيا ان نوجوان جي زندگي جي سفر کي اوهان لا هڪ سبق طور پيش ڪري رهي آهي اميد  ته توهان ڀائر رضا ڪيريو لا دعاگو رهڻ سان گڏوگڏ هڪ سٺو ڪمينٽ ڏئي پنهجائپ جو احساس ڏياريندا.

حاجي غلام مصطفي ڪيريو ماتلي

​حاجي غلام مصطفي ڪيريو ٖ ڪيريا محلا ماتلي ضلع بدين جو اصل تعلق ڳوٺ قبول ڪيريو ضلع ٽنڊو محمد خان سان آهي پاڻ ڪافي عرصو پهرين قبول ڪيريو کان ماتلي ڏانهن واپار سانگي هجرت ڪئي هئي ۽ ڪاروبار جي حوالي سان توڙي سماجي و سياسي ۽ يارويسي جي حوالي سان رب سائين برڪت ڏني اٿن. پاڻ دنياوي سرگرمين سان گڏوگڏ مزهبي سرگرمين ۾ سندن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.پاڻ ڪيريو برداري کان علاوه ٻين برادرين سان به سنڌ کان وٺي پنجاب تائين تعلقات کي باقاعده طور تي قائم و دائم رکڻ سان گڏو گڏ نڀايو به آهي. سندن تعارف ۾ بيان ڪيل هر لفظ جي سندن شخصيت سان مڪمل گهرائپ آهي. 

سندن معاشرتي ڪردار اسان لا هڪ تحرڪ ڏيندڙ سبق آهي ته دنياوي ڪمن سان گڏو گڏ الله لوڪ ماڻهن جي لا ڪم ڪرڻ سان گڏو گڏ سنڌ دوستي ۽ انسانيت دوستي کي وڌائي سنڌ ڌرتي کي صوفين ۽ ولين جي ڌرتي سان گڏو گڏ محبت و امن جي ڌرتي بڻايو.

مرحوم حاجي مير محمد ڪيريو قبول ڪيريو 

​مرحوم حاجي مير محمد ڪيريو ڳوٺ قبول ڪيريو ضلع ٽنڊو محمد خان پنهجي وقت جي هڪ معزز هستي. پاڻ ساده طبيعت جا مالڪ هوندا هئا ۽ هميشه نرم مزاج سان هر ڪنهن سان پيش ايندا هئا رب سائين جيتري به نوازش ڪئي هئي مگر ڪڏهن ان تي فخر نه ڪندا هئا ۽ هڪ ساده و عام انسان جيان زندگي گذاريندا هئا. هر ڪنهن انسان  جا  مصيبت ۾ پنهجي وس آهر مددگار ٿيندا هئا. سندن نيڪ عمل اڄ به وسري ناهن سگهيا حالانڪي سندن وڇوڙي کي ڪافي عرصو ٿي چڪو آهي. دعا آهي ته الله سائين انهن کي جنت الفردوس عطا ڪري ۽ اسان سڀني کي پنهجي بزرگن جي نيڪ نقش قدم تي هلي انهن جي سوچ ۽ نظرين کي زنده رکڻ گهرجي. آمين

استاد محمد صديق ڪيريو خيرپور ميرس

​ڪجه اهڙا به انسان اسان جي آس پاس موجود رهيا آهن جن اسان جي درد کي محسوس ڪيو ۽ ان جو آظهار ٖ اسان جي حقن جي آواز کي ٖ اسان سان ٿيندڙ زيادتين تي خاموش نه رهيا پر يا هٿيار کنڻي جنگ ڪئي يا وري لطيفي فن مان فاعدو وٺي هوائن جي لهرن ۾اسان جي سور کي ساز جي صورت ۾ ٖ لکڻين جي صورت ۾ بيان ڪندا رهيا . اهڙين هستين ۾ ڪيريو بردار سان وابسته سنڌ امڙ جو فرزند مرحوم استاد محمد صديق ڪيريو ڳوٺ ولي ڏنو ڪيريو  ضلع خير پور ميرس به هڪ آهن

 ٖپاڻ استاد ۽ شاعر هئا ڪافي ڪلام لکيا هئائون جن کي سنڌي مشهور گلوڪار مختيار شيدي به پنهجي آواز ۾ ڳائي مڃتا حاصل ڪئي آهي. سندن شاعري دل کي موهيندڙ آهي ۽ بار بار ٻڌڻ تي دل چوندي آهي. پاڻ لوڪ جي سورن کي شاعري جي سهاري بيان ڪيو. سندس شاگردن ۾ استاد اختيار چڪراڻي ٖ استاد علي نواز ڪيريو ٖ استاد خدا بخش ڪيريو ٖ استاد گل حسن ڪيريو شامل هئا

ڪيريو دنيا اهڙين عوامي حقن لا جاکوڙيندڙ انسانن کي سرخ سلام پيش ڪرڻ سان گڏو گڏ انهن جي لا دعاگو آهي ته رب سائين اهڙن هستين کي ٻنهي جهانن ۾ اعلي مقام ڏي آمين.

دائود ڪيريو شهداد پور

ڪجه انسان ايترا ته سادا هوندا آهن جو شهرت ۾ پاڻ کي پورو ماپي ناهن سگهندا پر پاڻ کي هميشه هڪ عام فرد جي مقام تي رکندا آهن انهن هستين ۾ محترم دائود ڪيريو آف شهداد پور به هڪ آهي پاڻ اهي انسان آهن جن سجاڳي ميگزين جيڪو ڪيريا برادر جو پهريون ميگزين هو ٖ ان ۾ بهترين ڪردار اد ڪيو هو ڪيو هو ليڪن سندن منحتن جو اعزاز پوري طرح نه ملي سگهيو مگر اڄ ڪيريو دنيا جي پليٽ فارم تان ان محترم هستي کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا ۽ دعاگو آهيون ته رب سائين شاد و آباد رکين آمين.

علي گل ڪيريو هالا

​ڪجه هستيون اهڙيون به هونديون آهن جيڪي پنهجي جان جي پرواه ناهن ڪنديون پر جڏهن ڪو دشمن انهن جي رياست ڏانهن ميري اک کڻندو آهي ته فولادي ديوار بڻجي ان جي سامهون ٿي بيهنديون آهن. محترم علي گل ڪيريو هالا جو تعارف به انهن شخصيتن ۾ آهي. پاڻ  هڪ بهترين شخصيت جا مالڪ آهن پاڻ پاڪستان آرمي ۾ هڪ سٺي رينڪ تي ڪم ڪري رهيا آهن. سندن شخصيت کي ڀيٽڻ لا سنهري لفظ ناهن جو ڀيٽي سگهجي. دعاگو آهيون ته رب سائين هميشه سدا سلامت رکن.

مرحوم ماما حبيب الله ڪيريو سانگهڙ

مرحوم ماما جبیب اللله کیریو چودگی  ضلع سانگهڙ

کیریا تاریخ م مرحوم ماما حبیب اللله کیریو جو هک اهم کردار رهیو سندس کیریا برادری لاء وڈیون کاوشون آهن سندس نالو اج بہ کیریا برادری م وڈی عزت ء احترام سان ورتو وجی تهو اج اچو تہ مرحوم ماما حبیب اللله کیریو جی زندگی تی روشنی وجهون ء نوجوان نسل کی بدهایون تہ انهن جاکوڑی کردارن کیئن پنهنجی برادری کی گڈ کیو ء اسان کی هک الگ سنجاٹپ ڈنی”

وچهڑیو آهین پر وسریو ناهین

Mr Hareef Ahmed Keerio Sakrand

​Mr. Hareef Ahmed Keerio . Village Haji Keerio Taluka Sakrand.                                                    PhD @  Hanyang University South Korea’s.          Mr. Hareef Ahmed Keerio From A Small Village Haji Keerio Taluka Sakrand.  He Got His Early Education From Village HAji keerio.  Matriculation From Government Boys High School Sakrand.  Intermediate from Government Degree College Sakrand.  Bachelor’s Of Engineering From Quaid-e-Awam University of Engineering & Technology Nawab Shah.  Master’s Of Engineering From Mehran University Of Engineering & Technology JamShoro.  Now Studying @ Hanyang University South Korea’s.  May AllAH Bless Him ,  Give Long Life.  & Gets More & More Success in their Life.  AMEEN