جرمن ڄائي شاعره سنڌ جي اسڪالر عالامه آء آء قاضي جي گهرواري ايلسا قاضي پنهجي شاعري ۾ نم جي وڻ کان متاثر ٿيندي اها خواهش ڏيکاري هئي ته ڪاش انسان به پاڻ تڪليفون سهندي سهندي ڪنهن ٻئي لا ڇانو ٿئي. اهڙي قسم جون خواهشون دنيا جي مختلف شاعرن پڻ ظاهر ڪيون آهن. مگر اڄ جڏهن جانب ڪيريو سعيد آباد جي هن نوجوان جي زندگي تي فڪر ڪرڻ جو موقعو مليو ته اها ڳاله سامهون آئي ته هي انسان هڪ لاڳاتار عرصي کان پنهجي زندگي کي ٻين ڪاڻ جيئڻ لا ارپيو ويٺو آهي ۽ هر نوجوان بلڪه هر انسان کي ويٺو اهو ئي سبق ڏي ته ٻين لا جيئڻ سکو. جيتريقدر سندن روزگار جو ذريعو ڪلارڪي جو نوڪري آهي مگر هڪ ڪلارڪ به اهڙو جذبو رکي ٿو اها حيرانگي جي ڳاله آهي. قلندر شهباز جهڙي ولي و بزرگ جو پيروڪار هوندي ۽ قومپرست پارٽي ايس ٽي پي جي ڪارڪن جي حيثيت رکندڙ انسان ايترو گهڻو تعليم يافته به ناهي نه ئي وري ڪو وڏو جاگيردار آهي پر هڪ معمولي زندگي رکندي به ڪنهن غريب جي جائز مسئلي لا ايترو تڪڙو اٿي ٿو جو ڪو مثال ئي ناهي. پاڻ اگر ڪنهن غريب جي بجلي جي غير قانوني ڳري بل اچڻ لا به انهن جي آواز کي اختيارين تائين پهچائي انهن جو مسئلو حل ڪرائين ٿا ته ڪنهن بيمار جي رت جي ضرورت کي پورو ڪرڻ لا پنهجا واسطا استعمال ڪري انهن جي ضرورت کي پورو ڪن ٿا..
ڪاش سنڌ جو هر نوجوان به اهڙو ئي جذبو رکي ڪنهن پريشان انسان جي مدد ڪندو رهئي ته نه ڪو پاڻکي محروم سڏرائي نه ئي يتيمي جو احساس رکي.
جانب ڪيريو سعيد آباد جي شخصيت کي اوهان ڪيئن پرکيو ۽ سندس نيڪ جذبن لا اوهان جو ردعمل ڇا هوندو.